سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 5

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 5

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 5

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-5 (ڪتاب): سنڌي لوڪ ڪهاڻين جو هي پنجون جلد ٻاراڻين آکاڻين تي مشتمل آهي ۽ ان جو مرتب پڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. هي ڪتاب لوڪ ادب سلسلي جو پنجويهون (25) ڪتاب آهي، جنهن جو بنيادي مواد پڻ جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو، سڄي مواد کي چڪاسي، ڀيٽي، 1959ع ۾ ڪتاب جو مسودو تيار ڪري، مئي 1961ع ۾ آخرين تصحيح ڪري پريس ڪاپي تيار ڪئي وئي. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر بلوچ صاحب، 1 آڪٽوبر 1962ع تي لکي پورو ڪيو ۽ ساڳئي سال ڪتاب شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ شامل ٻاراڻيون آکاڻيون، ٻارن جي وندر جون آکاڻيون آهن. آکاڻيون سٽاءَ ۾ ساديون ۽ ننڍيون آهن. هنن آکاڻين جو نمايان پهلو، ننڍن ٻارن لاءِ وندر ۽ نصيحت آهي. بُري ۽ بدنيت جي شڪست، ۽ سچي ۽ حقدار جي ڪاميابي، هنن ٻاراڻين آکاڻين جي سٽاءَ جو مخصوص جُز آهي. مرڪزي خيال جي لحاظ کان، آکاڻين جي هن مجموعي کي هيٺينءَ ريت ورهايو ويو آهي:
• بخت (ڪهاڻي نمبر 1، 2، 3، 7، 21، 23، 25، 26، 33 ۽ 45)
• نيڪيءَ جو انعام يا خيرات جي برڪت (ڪهاڻي نمبر 4، 11 ۽ 15)
• پهاڄن جي رقابت، پر آخر ۾ سچ جي فتح (ڪهاڻي نمبر 5 ۽ 6)
• ماٽيجي ماءُ جو برتاءُ (ڪهاڻي نمبر 8)
• عورت جو عقل، خوداعتمادي ۽ بخت (ڪهاڻي نمبر 9 ۽ 10)
• مڙس جو عقل (ڪهاڻي نمبر 12)
• عقل ۽ بخت جو جهيڙو (ڪهاڻي نمبر 13 ۽ 14)
• ڏندڪٿا (ڪهاڻي نمبر 16، 17، 20، 22، 50، 51، 80 ۽ 81)
• همت ۽ ڪشالا (ڪهاڻي نمبر 18 ۽ 78)
• ٺڳي ۽ چالاڪي (ڪهاڻي نمبر 19، 24، 27، 28، 29، 30، 31، 32، 34، 35، 36، 37، 38، 39، 40، 41، 46، 47، 48، 49، 57، 82، 83 ۽ 85)
• نيت جي مراد (ڪهاڻي نمبر 42)
• اياڻپ ۽ ڀورڙائي (ڪهاڻي نمبر 43، 44، 52، 54، 55، 56، 58، 59، 60، 61، 62، 63، 64، 65، 67، 76 ۽ 88)
• عقل (ڪهاڻي نمبر 53، 75 ۽ 84)
• نصيحت (ڪهاڻي نمبر 68، 69، 70، 71، 72، 73 ۽ 74)
• کِل ۽ چرچو (ڪهاڻي 77، 78، 79 ۽ 86)
هن جلد ۾ جملي 88 ٻاراڻيون آکاڻيون آهن. ڊيمي سائيز جي 426 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو آڪٽوبر 1962ع، ٻيو ڇاپو ڊسمبر 1982ع، ٽيون ڇاپو فبروري 1990ع، چوٿون ڇاپو جون 1994ع، پنجون ڇاپو 2001ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي ۽ اُن جي قيمت 125 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو